Monday, March 21, 2011

منهنجو مستقبل

مان مستقبل کان ڊڄندو آهيان، پوءِ به هو منهنجي ويجهو اچي، مونکي ڀيانڪ چهرو ڏيکاري ماضي ۾ لڪي وڃي ٿو، مان بچڻ چاهيان ٿو، پنهنجي رڻ جهڙي مستقبل ۽ ڏٺل خوابن جي ٽٽل تعبيرن ۽ مستقبل جي انهن تکين تلوارن کان، پر مان نٿو بچي سگهان، بس هاڻي مان بچڻ جون ڪوششون ڪري ٿڪجي پيو آهيان، پل پل ۾ انهن تلوار جي وارن منهنجي وجود  کي چيري ڇڏيو آهي. مان ماضيءَ کان تڙپندڙ آهيان. منهنجي حال ۽ مستقبل ۾ چوطرف واري ئي واري آهي، پري پري تائين ڪجهه ناهي، بس هاڻي مان به ماضي بڻجڻ چاهيان ٿو، مان حال جي سوريءَ تي لٽڪي مستقبل نٿو گهاري سگهان، ماضي اڻ پيتل شراب جو نشو هوندو آهي، جنهن ۾ خمار هوندو آهي، جنهن ۾ زندگي هوندي آهي، اها زندگي جنهن ۾ هُوءَ ۽ مان گڏ آهيون، هُن جا ٽهڪ آهن، هُن جون شرارتون، پل پل ۾ زنده هجڻ جو احساس ڏياريندڙ ادائون آهن، ماضي حقيقت آهي ۽ حقيقت ۾ سڪون هوندو آهي، مستقبل هڪ خواب آهي. جيڪو هميشه رلائيندو آهي، جنهن جي تعبير رت جا ڳوڙها ڏيئي ٿي، بس مان به ماضي بڻجن چاهيان ٿو.       
                                                                                                             اعجاز علي سنڌو

No comments:

Post a Comment