مان بارش ۾ آسمان تان ڪريل ان ڦُڙي مثل آهيان، جيڪو دنيا ۾ اچي، هن ڪائنات جو حصو هوندي به پنهنجي الڳ حقيقت ۽ وجو د رکي ٿو پر هڪ ئي پل ۾ پنهنجو وجود وڃائي ائين گم ٿي وڃي ٿو، ڄڻ.... بس اهو هڪ خيال هو، اهو خيال جيڪو ڪجهه لمحن لاءِ زندگي جو احساس هو، ۽ هڪ ئي پل ۾ اهو خيال موت بڻجي پنهنجي وجود کان محروم ٿي ويو، پوءِ ازل کان وهندڙ وقت جي درياهه ۾ وهي ڪري، لاوجوديت جي سمنڊ ۾ سمائجي وڃي ٿو، جتي ڪنهن به شئي جو وجود ناهي هوندو، بس . . . . . ڪجهه ناهي هوندو...!
اعجاز علي سنڌو
No comments:
Post a Comment