Wednesday, April 6, 2011

موتين جو هار

مان ڪچي ڌاڳي ۾ جڙيل موتين جو هار آهيان، اُن جي ڇِڪ سان ٽٽي پوندس، منهنجي خوابن، ارمانن ۽ اميدن جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوندا، مان زخمي حالت ۾ ٽڙيل هوندس، منهنجا عزيز مونکي ميڙڻ جي ڪوشش ڪندا، پر ايترا ته ذرا هوندا جو مونکي ميڙي نه سگهندا، ٿڪجي پوندا،  آخر ڇڏي ڏيندا، پوءِ مان هن جاهل دنيا جي جاهل ماڻهن جي قدمن ۾ لتاڙبس، مان ٽٽل هوندس، نيٺ مان موت بڻجي، پنهنجو وجود جي قيد مان آزاد ٿي ويندس ۽  ذلتن جي بار واري زندگي مان جان ڇڏائي موت بڻجي ويندس.
 
                                            اعجاز علي سنڌو

No comments:

Post a Comment