زندگي پنهنجو پاڻ سان منافقت جو نالو آهي، هيءَ اهڙي منافقت آهي جيڪا بار بار ڪرڻ تي دل چوي ٿي، ڪجهه نه هوندي به پاڻ کي دل ئي دل ۾ ڪجهه سمجهون ٿا، سڀ ڪجهه خبر هوندي به هن ذليل سماج جي خوش آمد حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهون ٿا ۽ منافقت سان ڀريل مسڪا هڻون ٿا، ان جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيڻ سان منافقت وڌي وڃي ٿي ۽ ڪنهن جي نظرن ۾ لوفر بڻجي وڃون ٿا.
اعجاز علي سنڌو
No comments:
Post a Comment