انسان جي اندر ۾ هُو وسي ٿو جيڪو هڪ ئي آهي، ازل کان، آخر تائين هڪ ئي رهندو ، اهو هڪ ئي آهي جنهن جي ڪري اسان جون هزارين ڳالهيون منفرد هئڻ ڪري به هڪ ئي رستي ڏانهن ٿيون وٺيو وڃن، اهو محبوب جيڪو انسانن جي احساسن، ڪيفيتن ۽ جذبن جو مالڪ هوندو آهي، جيڪو ازل کان وسي پيو اندر ۾. جڏهن انسان پاڻ کي ڪجهه ناهي سمجهندو، ته هو ان ۾ اچي ان کي سڀ ڪجهه ڪري ڇڏيندو آهي، ان کي مڪمل بڻائي ڇڏيندو آهي، ان کي امر ڪري ڇڏيندو آهي.
ا ع س
No comments:
Post a Comment