مان بيچين آهيان، منهنجو روح زمان جي نيزن سان چور چور ٿيل آهي، منهنجي حالت ان زخمي سپاهيءَ جيان آهي، جنهن جو زخمي گهوڙو پنهنجي ٽولي کان جدا ٿي سوين بگهڙن جي جي گهيري ۾ اچي وڃي ٿو. ما تڙپي رهيو آهيان، مان انهن بگهڙن کان آزاد ٿيڻ چاهيان ٿو، ڪائنات ۾ هن ”ٽٻڪي“ کان به ننڍي دنيا کان پري، آهي ڪو اهڙو مقام جتي مونکي منهنجو ”مقام“ ملي سگهي...؟ منهنجي اندر ۾ ڪائنات آهي ۽ مان ان جي قيد ۾...! دل ٿي چوي، اندر چيري، ڪائنات جو حدون پار ڪري نڪري وڃان، جتي مونکي سڪون ملي، جتي ڪو ٻوڙو نه هجي، ڪو انڌو نه هجي، اتي جتي ڪو اهڙو هجي جيڪو مونکي ٻڌي سگهي، مونکي پڙهي سگهي، مونکي سمجهي سگهي، ڪا اهڙي اک جيڪا منهنجي اندر ۾ جهاڳي ڏسي، اتي ڪو ته اهڙو هوندو جيڪو مونکي پنهنجي وجود جو راز سمجهائي سگهي، مان زخمي آهيان، منهنجي گهائن کي ڀري سگهي، برباد آهيان، مونکي آباد ڪري سگهي, جتي مان ”مان“ ٿي سگهان، جتي مان پنهنجي ”مان“ جو راز ڳولهي سگهان. منهنجي وجود کي انهن بگهڙن کائي ڇڏيو آهي، مان تڙپي رهيو آهيان، منهنجي حالت رحم جوڳي آهي.
ا ع سنڌو
ا ع سنڌو
No comments:
Post a Comment