Tuesday, May 17, 2011

ماضي

جڏهن مستقبل توهان ڏانهن اچڻ بند ڪري ڇڏي، حال توهان کي هڪ هنڌ قيد ۾ بند ڪري ڇڏي، ته اهو ماضي ئي هوندو آهي، جيڪو توهان کي انهن اذيت ڏيندڙ لمحن ۾ راحت ۽ سڪون بخشي ٿو، ان ڪري ماضي کان نفرت نه ڪيو، چاهي اهو ڪيڏو به بدصورت ڇو نه هجي، اهو معصوم ۽ خاموش هوندو آهي، بلڪل انهيءَ ٻار جيان، جيڪو توهان جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي، ڏکارو ٿي توهان جي ويجهو اچي معصوم چهري تي مرڪون وکيري توهان جي مسڪراهٽن کي چپن تي آڻڻ تي مجبور ڪري ٿو، ماضي هڪ انمول دوست هوندو آهي، ان جهڙو دوست ٻيو ڪو ناهي ٿي سگهندو، هو پوري زندگي توهان جو ساٿ ڏيندو رهي ٿو، توهان کي ڪڏهن به تنها نه رکندو چاهي توهان جا پنهنجا رت ۽ پيار جا رشتا توهان کي ٺڪرائي ڇڏين. اهو توهان کي اڪيلو ڏسي حال ۽ مستقبل جيان موقعو وٺي ڪنهن ڀيانڪ جانور جيان، خوفناڪ اونداهي رات جهڙن پهرن ۾ اچانڪ حملو ڪري توهان کي زخمي ڪري نه ڇٽندڙ گهاءَ نه ڏيندو ، توهان کي توهان جو ماضي ڪڏهن مرده بت ٿيڻ نه ڏيندو. مان ماضيءَ سان دل ودرائيندو آهيان، جان ۾ جان نه هوندي به زنده هوندو آهيان، منهنجي ماضي ۾ زندگيءَ آهي، ماضي کي وسارڻ موت کي ٻَک وجهڻ برابر هوندو.

ا.ع سنڌو

No comments:

Post a Comment