Monday, May 30, 2011

عذاب آهي زندگي

موت ئي نٿو اچي، زندگي عذاب بڻجي، هر لمحي وقت جي ڇُٽل تيرن جي بارش برسائي پئي، هر پل ماري پئي، منهنجي اندر کي چيري ان ۾ وجود جو لوڻ ٻُرڪي پئي. زندگيءَ منهنجي اندر کي کوکلو بڻائي  ڇڏيو آهي. پنهنجا سمورا ڏٺل خواب پنهنجي اکين جي سامهون خوفناڪ قاتل هٿان قتل ٿيندي ڏسان پيو. منهنجو مستقل، وڻ جي انهن سڪل پنن جيان آهي، جيڪي خزان جي موسم ۾، ڪنهن گرم هوا جي جهوٽي سان زمين تي ڪري زماني جي گردشن ۾ ٽڙي پکڙي ويندا آهن. چون ٿا زندگي خوبصورت آهي، هر پَل ۽ هر لمحي ۾ زندگي آهي، هر ڏينهن نئون سج جيون کي روشن ڪري، اڃا جيئڻ جو اتساهه پيدا ڪري ٿو. پر منهنجي لاءِ هر سج ساڳيو، هر صبح ساڳي، هر ڏينهن ساڳيو، هر رات ساڳي آهي. مان وقت کان وسري ويل اهو پَل آهيان، جنهن کي انتظار آهي ان پَل جو، جنهن پل هو به وقت جي وهندڙ درياهه ۾ سمائجي ڪو دور بڻجي وڃي، اهو دور جنهن ۾ منهنجي هر ڏينهن کي دهرائي ان کي حسين بڻايو وڃي، هر ڳالهه کي ياد ڪري ان کي ٻڌو ۽ سمجهيو وڃي، اهو دور جنهن ۾ ٽُٽَل ۽ رُسي ويل خواب اکين ۾ واپس اچي پنهنجي تعبير ڏسن، اهو دور جنهن ۾ غلاميءَ ۾ گذريل هر هڪ لمحي کي آزاد بڻايو وڃي. اهڙو دور جنهن ۾ هڪ نئون جيون هجي جتي ڪو عذاب نه ڀوڳڻو پوي، جتي هر پل کي جي سگهجي، جتي ڪنهن به قوم کي غلام بڻايل نه هجي، جتي پيار ۽ محبت هجي، جتي ڪو به غم نه هجي، بس هر ڏينهن خوشين جو هجي، هر ڏينهن خوابن جي تعبيرن جو ڏينهن هجي.

ا.ع سنڌو

No comments:

Post a Comment