موت نه آيو، جي به نه سگهياسين
مان ان ڪمزور ٻُڪ جيان آهيان
جنهن ۾ زندگي نه سمائجي سگهي
ٿوري ٿوري ٿي واريءَ جيان
هٿ مان نڪرندي وئي
۽ مان ڏسندو رهيس.
پڇتاءُ اهو رهندو ته مان اڄ تائين
”زندگي“ کي سمجهي نه سگهيس
منهنجي نه چاهيندي به گذري ويندا
ائين ئي جيئن منهنجو ماضي
ڪنهن اڻ ڇهيل محبوبه جيان
منهنجي جيون کي ڇهندي نڪري ويو
مان منجهيل رهيس
نه سمجهي سگهيس
بس ڏسندو رهيس.
------------------------------------------
ا.ع سنڌو
ا.ع سنڌو
No comments:
Post a Comment