تاريخي عمل ۽ انهن جا ردِعمل
اعجاز علي سنڌو
دنيا ۾ سڀڪو هر ڪنهن جي ڪيل عملن جي ڪري ئي لوڙي ٿو. چاهي اهي عمل ڪنهن ڀلائيءَ لاءِ عمل ۾ آندا ويا هجن يا ڪنهن برائيءَ جي لاءِ. ڪنهن کي ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ جي ڪڏهن به ڪا ضرورت محسوس نٿي ٿئي ته منهنجي موجوده عمل سان ڪنهن کي ڪيترو فائدو ۽ ڪيترو نقصان ٿيندو، منهنجو اهو عمل اڳتي هلي ڪهڙي صورت اختيار ڪري وٺندو، اڳتي هلي ڪنهن کي ڪيتري تڪليف يا پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هر عمل کان اڳ ان عمل جي ردِ عمل ۾ ملندڙ وقتي، عارضي يا غير مستقل فائدي کي ئي ذهن ۾ رکيو وڃي ٿو.
هر عمل کي پنهنجو ردِ عمل ٿئي ٿو. ڪو به غلط عمل مستقل ۾ مثبت تبديلي يا بهتري آڻي سگهي ٿو، ۽ حال ۾ ڪنهن جو ڪو به سٺو ۽ بهترين عمل ڪنهن جي زندگيءَ کي ويران ڪري ان لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ حالتون پيدا نه ڪندو. دنيا ۾ جيڪو ڪجهه جاري آهي اهو جاري رهندو. ان جاري واري بي روڪ عمل ۾ غلط ۽ صحيح هميشه هڪٻئي جي خلاف عمل ۾ اچي غلط ۽ صحيح عملن کي ختم ڪرڻ جي ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ جنگ کي ڪنهن نتيجي تائين نتيجي تائين پهچائيڻ جي ناممڪن ڪوشش ڪندا رهن ٿا. پر زمانو هلندو رهي ٿو. دنيا ۾ صحيح يا بهتر عمل ڪرڻ وارا هميشه بهترين ڪردار سمجهيا وڃن ٿا. اهي تاريخ جي تاريخي اعزازن سان نوازيا وڃن ٿا، انهن جي ڪيل صحيح يا بهتر عملن جي ڪري انهن کي بهترين لفظن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو. ان جي ابتڙ تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪو غلط يا خراب عمل ڪري ٿو ان کي بدترين ڪردار سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان جي وجود کي ان دور جي انسانن لاءِ عذاب سمجهيو وڃي ٿو. پر حقيقت ۾ ان بدترين ڪردار جي بدترين عملن جي اثرن جي ڪري ئي ڪو بهتر ڪردار جنم وٺي ٿو ۽ ان کي ڪجهه صحيح يا بهتر عمل ڪرڻ جو موقعو ملي پوي ٿو. ان بدترين ڪردار ۽ بدترين عمل جي پيدا نه ٿيڻ سان ان دور ۾ رهندڙ بهترين ۽ بدترين ڪردار هميشه پنهنجي محدود دائري ۾ بهتر ۽ بدتر عملن جي ڪڏهن نه رڪجندڙ ننڍين ننڍين جنگي عملن ۾ ڦاٿل رهندا. جنهن سان دنيا ۽ ان مخصوص دور ۾ قيد رهي ٿي ۽ ان دور جي تاريخ بيڪار سمجهي ويندي. ڪنهن کي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي ڪابه ضرورت محسوس نٿي ٿئي . . . .!!
ڪنهن دور جو جو پاسو ڦيرائڻ، ان کي تبديل ڪرڻ يا ان ۾ سڌارو ڪرڻ لاءِ ڪنهن تاريخي بهترين عمل جي ضرورت هوندي آهي. اهو بهترين عمل ڪنهن بدترين عمل جي انتظار ۾ عملي طور بيڪار رهي ٿو، جيئن ئي تاريخ يا ڪنهن دور ۾ اهو بدتر عمل عملي طور پنهنجا اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ٿو، ته اهو بيڪار پيل بهتر عمل تاريخي موقع جو فائدو وٺندي، پنهنجو انتظار ختم ڪري گهڻي وقت کان هلندڙ بدترين دور ۽ تاريخ کي تبديل ڪري دنيا وارن لاءِ هڪ مخصوص وقت يا ڪجهه صدين لاءِ پيدا ڪيل نئين دور ۾ ڪيترين ئي تبديلين سان گڏ نئون نظام ملي ٿو، جنهن کي دنيا وارا ظلم، ڏاڍ، جبر، غلامي ۽ بدترين دور جو خاتمو سمجهي، لکين سالن کان اڀرندڙ سج کي نئين دور جو نئون سج مڃي وري انهيءَ غلط ۽ صحيح يا بهتر ۽ بدتر عملن واري نئين دور جي شروعات ڪن ٿا. اهو بهترين تاريخي دور ان وقت تائين بهترين سمجهيو ويندو، جيستائين بدترين تاريخي عمل ذريعي پيدا ٿيل اهو بهترين تاريخي دور ماڻهن جي لاءِ عذاب نه بڻجي پئي ۽ ان نئين دور جو نئون دستور، ريتون، رسمون ۽ غلط صحيح جي جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل سماج ۾ ماڻهن جي جان، مال ۽ عزت غير محفوظ ٿي وڃي، ۽ اهو بهترين دور ڪنهن بدترين ڪردار ۽ ان جي بدترين عمل جي نتيجي ۾ بدترين بڻجي جهالت، غلامي، غربت، بک، بدحالي، نا انصافي، بي روزگاري سميت انيڪ سماجي مسئلن ۽ تڪليفن ۾ مبتلا نٿو ٿي وڃي.
ظاهري طور تي اسان جا عمل هڪ ٻئي سان ڪو واسطو يا تعلق ناهن رکندا. پر هڪ ئي وقت ۾ انسانن سميت آسپاس ۾ موجود مختلف ساهوارن ۽ بيجان شين تي اهي عمل صدين تائين سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح اثر انداز ٿيندا رهن ٿا. دنيا جي لکين سالن جي تاريخ ۾ لکين پيغمبر، نبي، بادشاهه، وليءَ، پير، فقير، فاتح، ظالم، مظلوم، غلام، ويڙهاڪ ۽ سورمن سميت ڪيترائي ڪردار آيا جن جي موجودگي سان دنيا ۾ تبديليون ۽ انقلاب ايندا رهيا. انهن جي وجود سان تاريخ مٽجندي رهي. هر ڪردار پنهنجو ڪردار نڀائيندو اچي پيو. ظالم هميشه ظلم ڪندو رهندو، باغي هميشه بغاوت ڪندو رهندو. اهو عمل دنيا جي خاتمي تائين جاري رهندو. ڪير ڪڏهن به پاڻ کي مليل ڪنهن ڪردار کان انڪار نٿو ڪري سگهي، ان کي اهو مليل ڪردار آخري ساهه تائين ايمانداري سان نڀائڻو پوي ٿو، چاهي اهو ڪردار بهتر هجي يا بدتر.
اڄ جي دور کي پڻ تبديلي ضرورت آهي. موجوده تاريخ به ظلم، ڏاڍ، بدحالي ۽ غلامي جي ليڪن سان ليڪيل آهي. اڄ جو موجوده دور ۽ زمانو به ماضي جيان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنهن بهترين يا بدترين ڪردار جي انتظار ۾ ظلم سهندي چپ چاپ نه هلڻ جي برابر رڙهندو اڳتي وڌندو رهي پيو، ۽ هر ان باشعور انسان کي پنهنجي بيحال حالتن ذريعي مسلسل تبديليءَ ۽ انقلاب لاءِ اتساهيندو رهي پيو، جيڪو ڪنهن بهترين يا بدترين عمل ذريعي زماني جي حالت سنواري ان کي خوبصورت، حسين، آزاد ۽ خوشحال بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اچو، سڀئي گڏجي نڪري پئون، شهرن ڳوٺن، وسندين، جهرجهنگن جا پڙهيل لکيل، بهادر، باشعور ۽ باڪردار نوجوان پنهنجي ڌرتيءَ سان عشق جي ابتدا ڪري ان کي آزاد، خوشحال ۽ ترقي يافته بنائڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جي قرباني ڏيو. ائين نه مرجو، پنهنجي وجود سان هر طرف هن ڪاري اوندهه ۽ انڌاري دور کي کي روشن ڪري هميشه روشن ستاري جيان زنده رهجو. نڪري پئو پنهنجي سامهون هر ان اوچي ديوار کي ڪيرائي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو جيڪا سوين سالن کان آزادي ۽ ٻين بنيادي حقن جي حاصلات ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. هاڻي وڌيڪ خاموش رهڻ مان مراد پنهنجو پاڻ، پنهنجي خاندان، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن سان غداري ڪري انهن کي مسلسل بدترين دور ۾ رکڻ ۽ انهن جي مستقبل جي بدترين تاريخ پنهنجي هٿن سان لکي ڪري ان جي سموري ذميواري ڪنهن تڪليف ۽ پريشاني جو جهنجهٽ کڻڻ کانسواءِ، بنا ڪنهن شرم ۽ بنا ڪنهن غيرت جي خوشي خوشي سان قبول ڪري ڇڏڻ آهي.
No comments:
Post a Comment