Sunday, November 20, 2011

باغي ڇوڪري

 

هُن آزاد ٿيڻ پئي چاهيو 
پيرن سان جڪڙيل هر زنجير ٽوڙي
هُوءَ دنيا ۾ جڙتو سماجي روين، رسمن، ڪوڙي غيرت ۽ انا کان
 بغاوت جو آغاز ڪري چڪي هئي
 هوءَ نازڪ مزاج ڇوڪري
عورت هئڻ جي ڏوهه ۾
سماج هٿان زندگيءَ کي بڻايل قيد خاني ۾
خوابن جي تخليقڪار بڻجي
راتين جو جاڳي
چنڊ جي چانڊوڪي ۾
هزارين خوبصورت خواب تخليق ڪري
سيني ۾ سانڍي ويٺل هئي
جن جي ساڀيان جو تصور هن کي بيخود بڻائي
مڙهيل هزارين پابندين ۽ سختين جون ديوارون ڪيرائي
هن جي چهري تي
مرڪ وکيري ڇڏيندو هو
ڪيترائي ڀيرا پنهنجي اندر کي ماري
ٻين عورتن جيان
بي حس سماج سان زبردستي ڪرايل سمجهوتي
۽ مڙهيل شرطن جي پابند بڻجي 
زندگي گذارڻ چاهي
پر اندر جا احساس
هن کي بيقرار بڻائي
سندس چوڌاري بيهاريل ديوارون ڪيرائي،
سختين ۽ پابندين جي خلاف
بغاوت تي اڪسائيندا رهندا هئا.
هن فضا ۾ آزاد پننڇيءَ جيان اڏڻ چاهيو پئي
اهو پنڇي جنهن تي آزاد هوائن ۾ اڏڻ لاءِ
ڪو به شرط ۽ ڪا به پابندي نه هجي.
هن پنهنجي خوابن جي ساڀيان چاهي پئي
شايد هوءَ ناسمجهه ان ڳالهه کان ناواقف هئي
ته هن سماج ۽ معاشري ۾ عورت جا خواب
پنهنجي ساڀيان ڏسڻ کان اڳ ئي مري وڃن ٿا
۽ پوءِ سموري زندگي اوندهه ۾ رهڻ ئي
انهن خوابن جي تعبير بڻجي پوي ٿي...!
-----------------------
اعجاز علي سنڌو

No comments:

Post a Comment