|
Add caption |
جڏهن زندگي ڪنهن عذاب جي هجڻ جو احساس ڏيارڻ لڳندي آهي، وجود ڪنهن اڻڄاتل گناهه جي سزا ۾ هر پل ۽ هر لمحو اذيتن جون تڪليفون ڀوڳيندي تڙپڻ لڳندو آهي، اکين اڳيان سڀ نظارا بي رنگ ۽ سمورا منظر بيڪار لڳندا آهن، روح درد ۽ پيڙاءُ ۾ ڏڪڻ لڳندو آهي، جڏهن دل ۽ دماغ ۾ بچي وڃڻ جو ڪو به رستو باقي ناهي بچندو، ته ايتري ۾ مون کي خبر ناهي ڪيئن ۽ ڇو موت جي ياد اچي ويندي آهي. جنهن جي ياد منهنجي جسم ۾ عجيب خوشي ۽ اطمينان جي لهر ڦهلائي ڇڏيندي آهي، ڄڻ مون کي ڪنهن ويران ۽ نه کٽندڙ ريگستان ۾ اڪيلو ڀٽڪندي، ڪو بهترين ساٿي ملي ويو هجي، جيڪو منهنجو هٿ پڪڙي، رڻ مان ڪا راهه جهاڳي، مون کي ڀٽڪندڙ حال مان ڪڍي، ڪنهن منزل تائين رسائي جو يقين هجي. ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪو سچو دوست منهنجي اجڙيل حالت ڏسي، مونکي پنهنجي سيني سان لڳائي، زندگيءَ جا سمورا درد ختم ڪري، منهنجي چهري سان پنهنجو چهرو ملائي چوندو هجي، ”گهٻراءِ نه هاڻ مان اچي ويو آهيان، تنهنجا سمورا درد ۽ تڪليفون ختم ٿي وينديون، مان توکي زندگيءَ جي عذاب کان نجات ڏياريندس“ ان جي ائين دلاسي ڏيڻ سان عجيب سڪون ۽ خوشي ملندي آهي، ڄڻ پوري دنيا ۾ هڪ اهو ئي هجي، جنهن جي ٻَک وجهڻ سان مون تي نازل ٿيل سمورا عذاب ختم ٿي ويندا. پوءِ مان پنهنجي زندگي جا سمورا درد وساري ويهان ٿو. --------------------------------------------------------------------------------------------
اعجاز علي سنڌو
No comments:
Post a Comment