Sunday, November 20, 2011


اعجاز علي سنڌو















 
واقعي مذهبن ۽ عقيدن جو نشو خوب آهي، سڀ کان ڏکئي ڪم ”حقيقتن“ کي ڳولهڻ جي جهنجهٽ کان آزاد ڪيو ڇڏي. زندگي آرام سان گذرايو ڇڏي.
ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

مونکي ”پنهنجو پاڻ“ جيڪو سيکاريو اهو ”امر“ آهي. ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~
ڪنهن به سامراج جي طاقت جو اندازو، ان جي ڪنهن به قوم مان بهترين ”غدار“ ڳولڻ يا پيدا ڪرڻ واري خاصيت مان لڳائي سگهجي ٿو. ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~



منهنجي لاءِ منهنجا خواب، مقصد ۽ ارادا زندگيءَ کان وڌيڪ پيارا هئا، جن جي مرڻ سان مان پنهنجي زندگي وڃائي ويٺس...!! ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

 هن سماج جا چڱا مڙس، وڏيرا، زميندار، انهن جا چمچاگير ۽ واٺا نياڻي (عورت) کي پنهنجي عزت، شان ۽ محدود علائقي اندر قائم ڪيل ڪوڙي ۽ کوکلي غيرت، دٻدٻي رتبي جي تحفظ، ان جي واڌاءُ ۽ هر ننڍو وڏو مفاد حاصل ڪري وٺڻ جو سامان سمجهن ٿا. اها هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن تي سوچڻ ۽ ويچارڻ جو اجتمائي احساس هن سماج ۾ جنم ناهي وٺي سگهيو - ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

جيڪو انسان قومن جي نجات لاءِ ايندو آهي، اهو هزار رڪاوٽن ۽ ڪمزورين باوجود قومن جو هيرو بڻجي ويندو آهي. ا.ع سنڌو
~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~
هر انسان ۾ ڪيترائي انسان رهن ٿا، هڪ پاڻ باقي انسان مذهبن، عقيدن، خوف، وهم، تاريخي ڏند ڪٿائن، سماج، ريتن ۽ رسمن ذريعي پيدا ٿي پوندا آهن، جيڪي اصل انسان کي محدود ڪري ان جي فطرت کي ماري ڇڏيندا آهن. ا.ع سنڌو
~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~


قوم ۽ ڌرتيءَ لاءِ ڪجهه ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ لاءِ مفادن جي حدن کي پنهنجي ذات کان تمام گهڻو پري تائين ڦهلائڻو. ا.ع سنڌو
~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

منهنجي لاءِ منهنجي زندگي جو مالڪ اهو آهي، جنهن کي هڪ پل وسارڻ جي گمراهي سان، جسم مان ساهه ائين نڪري وڃي، ڄڻ صدين کان پيل بيڪار بيجان ڪا شئي، ائين لڳي ڄڻ هن جي ئي يادن سان زنده هجڻ جو احساس هو. ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~
سنڌ منهنجو خدا آهي، سنڌ جي تاريخ منهنجو قرآن ۽ سنڌ جون موجوده حالتون منهنجون پيغمبر آهن، مونکي سنڌ سان عشق آهي، عشق خدائي طاقتون رکي ٿو، عشق حق آهي ۽ حق خدا آهي. مونکي اهي انسان زهر لڳن ٿا جيڪي منهنجي خدا سان ڪوڙي عشق جون دعوائون ڪري پنهنجي آخرت وڃائين ٿا. ا.ع سنڌو
~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~
منهنجي زندگي، ان گلاب مثل، جنهن تي سندس مالهيءَ جي نظر نه پئي، ٽڙڻ کان اڳ مرجهائجي ويس. ا.ع سنڌو
~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

زندگي پنهنجو پاڻ سان منافقت جو نالو آهي، هيءَ اهڙي منافقت آهي جيڪا بار بار ڪرڻ تي دل چوي ٿي، ڪجهه نه هوندي به پاڻ کي دل ئي دل ۾ ڪجهه سمجهون ٿا، سڀ ڪجهه خبر هوندي به هن ذليل سماج جي خوش آمد حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهون ٿا ۽ منافقت سان ڀريل مسڪا هڻون ٿا، ان جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيڻ سان منافقت وڌي وڃي ٿي  ۽ ڪنهن جي نظرن ۾ لوفر بڻجي وڃون ٿا.  ڪجهه هوندي به ڪجهه نه هئڻ جي ۽ ڪجهه نه هوندي به ڪجهه هئڻ جي منافقت ڪندا رهون ٿا.
ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

زندگي گذارڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، زندگي، محبت، دولت ۽ جهالت ۾ ئي خوبصورت لڳندي آهي، جيڪي مون وٽ نه آهن. ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

زندگي گذارڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، زندگي، محبت، دولت ۽ جهالت ۾ ئي خوبصورت لڳندي آهي. ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

زندگي هڪ ڊرامو آهي جنهن جو ڪردار منافقت آهي. ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

اهو هرگز انسان ناهي جيڪو پنهنجي قوم جي غلامي واري دور ۾ سڪون سان زندگي گذاري ڇڏي. ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~
قسم آ خدا جو هن عشق مونکي رلائي ڇڏيو، هن عشق مونکي ڪائنات جي اسرارن جي کان واقف ڪرائي، مونکي لامڪان ۾ ڀٽڪڻ جو عادي بڻائي، مونکي ڪائناتي لاوارث بڻائي ڇڏيو ...!! ا.ع سنڌو
~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

حوصلن جو دارومدار منزل سان عشق تي سان هوندو آهي. ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

عاشق کي عشق لامڪان جي رستن کان واقف ڪرائي، کيس مڪان جي قيد مان آزاد ڪيو ڇڏي، حد کي بيحد ڪيو ڇڏي. ا.ع سنڌو


~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

عشق اندر ۾ پالي، هيءَ ڪائنات به سوڙهي ٿي ساهه کي مجهائيندڙ لڳي ٿي!!
ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

عشق خدائي طاقتون رکندڙ آهي، شايد عشق ئي خدا آهي. ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

اهو عشق ئي ڪهڙو جيڪو فنا ٿي وڃي...!!! ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

عشق خود قيامت آهي، سڀ ڪجهه فنا ڪيو ڇڏي. ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

عشق ئي آهي، جنهن ڪري هن ڪائنات کي وجود نصيب ٿيو. عشق لافاني آ...!
 ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

مان هڪ روشن ستارو آهيان، پر مونکي بي نور ڪرڻ واري طاقت عظيم آهي.
ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~
جڏهن قوم جاهل ٿي پوندي آهي، تڏهن عقل، ڏاهپ، ادب، انقلابي فڪر ۽ نظريا بي اثر ٿي پون ٿا ۽ وقت جا انقلابي ڪردار، عظيم مفڪر ۽ سورما تاريخ جي ورقن ۾ دفن ٿي تاريخ بڻجي وڃن ٿا. قومي شعور، وطن جي حب ۽ آزادي جي جذبي کان محروم اها قوم غلاميءَ جي ڪاڙهه ۾ هميشه لاءِ ڪڙهندي رهي ٿي، اهڙي قوم جو مثال گڏهن ۽ گهوڙن کان بهتر ٻيو ڪو به نٿو ٿي سگهي.
 ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~

سنڌ جي زميني حقيتن ۽ ماڻهن جي سماجي، معاشي ۽ نفسياتي حالتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي آزادي ناممڪن نظر اچي رهي آهي، جيستائين اسان سنجيده ٿي ڪري پنهنجي مقصد ڏانهن عملي طور سنجيدگيءَ سان نه وڌندا سين. اوستائين انهن انڌن، ٻوڙن، گونگن ۽ ڪوڙن قومپرستن جو سنڌ جي نالي تي پيٽ گذر جاري رهندو جيستائين سنڌ آزاد نه ٿي ٿئي. انهن منافقن جا نعرا منهنجي نظر ۾ منافقت سان ڀريل ٻولن کان وڌيڪ ڪا به اهميت نٿا رکن، ڇو ته مونکي هميشه مضبوط ارادن، غيرتمند، بهادر ۽ ڪجهه ڪري ڏيکاريندڙ شخصيتن ئي متاثر ڪيو آهي. 
ا.ع سنڌو

~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~.~





باغي ڇوڪري

 

هُن آزاد ٿيڻ پئي چاهيو 
پيرن سان جڪڙيل هر زنجير ٽوڙي
هُوءَ دنيا ۾ جڙتو سماجي روين، رسمن، ڪوڙي غيرت ۽ انا کان
 بغاوت جو آغاز ڪري چڪي هئي
 هوءَ نازڪ مزاج ڇوڪري
عورت هئڻ جي ڏوهه ۾
سماج هٿان زندگيءَ کي بڻايل قيد خاني ۾
خوابن جي تخليقڪار بڻجي
راتين جو جاڳي
چنڊ جي چانڊوڪي ۾
هزارين خوبصورت خواب تخليق ڪري
سيني ۾ سانڍي ويٺل هئي
جن جي ساڀيان جو تصور هن کي بيخود بڻائي
مڙهيل هزارين پابندين ۽ سختين جون ديوارون ڪيرائي
هن جي چهري تي
مرڪ وکيري ڇڏيندو هو
ڪيترائي ڀيرا پنهنجي اندر کي ماري
ٻين عورتن جيان
بي حس سماج سان زبردستي ڪرايل سمجهوتي
۽ مڙهيل شرطن جي پابند بڻجي 
زندگي گذارڻ چاهي
پر اندر جا احساس
هن کي بيقرار بڻائي
سندس چوڌاري بيهاريل ديوارون ڪيرائي،
سختين ۽ پابندين جي خلاف
بغاوت تي اڪسائيندا رهندا هئا.
هن فضا ۾ آزاد پننڇيءَ جيان اڏڻ چاهيو پئي
اهو پنڇي جنهن تي آزاد هوائن ۾ اڏڻ لاءِ
ڪو به شرط ۽ ڪا به پابندي نه هجي.
هن پنهنجي خوابن جي ساڀيان چاهي پئي
شايد هوءَ ناسمجهه ان ڳالهه کان ناواقف هئي
ته هن سماج ۽ معاشري ۾ عورت جا خواب
پنهنجي ساڀيان ڏسڻ کان اڳ ئي مري وڃن ٿا
۽ پوءِ سموري زندگي اوندهه ۾ رهڻ ئي
انهن خوابن جي تعبير بڻجي پوي ٿي...!
-----------------------
اعجاز علي سنڌو

Saturday, October 29, 2011

موت جو ساٿ

Add caption
جڏهن زندگي ڪنهن عذاب جي هجڻ جو احساس ڏيارڻ لڳندي آهي، وجود ڪنهن اڻڄاتل گناهه جي سزا ۾ هر پل ۽ هر لمحو اذيتن جون تڪليفون ڀوڳيندي تڙپڻ لڳندو آهي، اکين اڳيان سڀ نظارا بي رنگ ۽ سمورا منظر بيڪار لڳندا آهن، روح درد ۽ پيڙاءُ ۾ ڏڪڻ لڳندو آهي، جڏهن دل ۽ دماغ ۾ بچي وڃڻ جو ڪو به رستو باقي ناهي بچندو، ته ايتري ۾ مون کي خبر ناهي ڪيئن ۽ ڇو موت جي ياد اچي ويندي آهي. جنهن جي ياد منهنجي جسم ۾ عجيب خوشي ۽ اطمينان جي لهر ڦهلائي ڇڏيندي آهي، ڄڻ مون کي ڪنهن ويران ۽ نه کٽندڙ ريگستان ۾ اڪيلو ڀٽڪندي، ڪو بهترين ساٿي ملي ويو هجي، جيڪو منهنجو هٿ پڪڙي، رڻ مان ڪا راهه جهاڳي، مون کي ڀٽڪندڙ حال مان ڪڍي، ڪنهن منزل تائين رسائي جو يقين هجي. ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪو سچو دوست منهنجي اجڙيل حالت ڏسي، مونکي پنهنجي سيني سان لڳائي، زندگيءَ جا سمورا درد ختم ڪري، منهنجي چهري سان پنهنجو چهرو ملائي چوندو هجي، ”گهٻراءِ نه هاڻ مان اچي ويو آهيان، تنهنجا سمورا درد ۽ تڪليفون ختم ٿي وينديون، مان توکي زندگيءَ جي عذاب کان نجات ڏياريندس“ ان جي ائين دلاسي ڏيڻ سان عجيب سڪون ۽ خوشي ملندي آهي، ڄڻ پوري دنيا ۾ هڪ اهو ئي هجي، جنهن جي ٻَک وجهڻ سان مون تي نازل ٿيل سمورا عذاب ختم ٿي ويندا. پوءِ مان پنهنجي زندگي جا سمورا درد وساري ويهان ٿو. 
--------------------------------------------------------------------------------------------
اعجاز علي سنڌو

Sunday, October 23, 2011

شوخ ۽ چنچل ڪردار

مان جيستائين ان حسين ڪردار جي
وجود جي پهرن ۾ رهيس
پاڻ کي هر وقت ان جي
موجن جي مهور ۾ محسوس ڪيم
ان جي خوشبو
منهنجي ساهه ۾ سمائجڻ لڳي هئي،
هوءَ هڪ اهڙو اڻ ڏٺل روپ
جيڪا ڄڻ اڌ مڪمل خواب هئي

۽ هڪ خواب جيان
اک کلندي ئي پاڻ کي

ان جي موجن جي لهرن کان
محروم سمجهيم
واقعي.......
اهو هڪ عجيب واقعو هو
جنهن سان مان ڪجهه نه وڃائيندي به
سڀ ڪجهه وڃائي ويٺس
منهنجي آسپاس ڪو به جنازو نه هو
پر پوءِ به ڄڻ منهنجي اندر ۾
ڪو روڄ راڙو جاري هو
منهنجو وجود
هڪ عجيب خوف ۽ حراس ۾ وڪوڙيل هو
هميشه تنهائين جي پاڇن ۾ رهڻ جو عادي هئڻ باوجود
ائين لڳي رهيو هو

ڄڻ ڪنهن مون کان
بي مثل جيون ساٿيءَ جوساٿ کسي
مونکي تنهائين ۾ قيد ڪري ڇڏيو هجي....
مان ڪيئن يقين ڪري ويهي رهان....!!؟
 
مان پاڻ کي ڪيئن سمجهايان ....!!؟
ذهن ۾ ويٺل اهو ڪڏهن نه سمجهه ۾ ايندڙ
شوخ، چنچل ۽ سڀ کان منفرد ڪردار
پنهنجو ڪردار نڀائي
هڪ پل ۾ ڄڻ ذهن جي اونهائين ۾ ٻڏندي
ماضيءَ جي تهن ۾ جذب ٿي ويو
۽ مان ڏسندو رهيس......
هوءَ هڪ اهڙو باغي ڪردار هئي
جنهن جي بغاوت جي زور نه چاهيندي به
منهنجي دل جون حدون اورانگهي

منهنجي اندر جي سلطنت اجاڙي
مونکي محرومين جي ور چاڙهي
پاڻ کي هميشه لاءِ فرار ڪري وئي
۽ مان ڏسندو رهيس
ڪجهه نه ڪري سگهيس........
-----------------------------
اعجاز علي سنڌو

Saturday, July 16, 2011

مان پاڻ نٿو هي شعر لکان
---------------------------- -------------------------------------------------
مان پاڻ نٿو هي شعر لکان
هڪ ذات حسن جي آهي يار
جا مونکي ٿي بيچين رکي 


بيڪار وجود هن منهنجي کي
توئي ڏنو هو ڪو مقصد 
تو سان گذريل هر هڪ لمحو
ڪين وساري سگهندس او يار
وکريل وجود کي سميٽڻ لاءِ
ڪائنات سموري تون ئي هئينءَ


کائي تير تنهنجي نيڻن جا
۽ ڪارين ڪارين ذلفن جا
مان ٿي ويو پورو گهايل هان
اهي گهاءَ ماضيءَ جا تازا آهن
۽ دل جي ديوارن تي ليڪا
 جيڪي تنهنجا آهن نقش ٿيل
مان ناهيان خد ۾ شامل ٿيل
سڀ تنهنجي آهي عنايت او يار 


ماضيءَ  منهنجي جي يادن ۾
اهي ٽهڪ اڃا به گونجن ٿا،
هر گذريل ان سان رات منهنجي
ويو پورو قصو ماضي ٿي
ويو جيون سمورو گذري آ
پر مان به رهان ٿو ماضيءَ ۾
منهنجو ناهي ڪوئي حال او يار


جنهن ماضيءَ کان تڙپايو آ
تو هن کي ڪين سڃاتو آ
تون ناهين اهڙي ذات اعجاز
جو ان تي ويٺو شعر لکين
تون پاڻ اڻپورو شعر آهين
نه ٿيندين ڪڏهن به پورو او يار
تون آهين ڪهڙي ذات اعجاز
آ هُن جي سموري عنايت او يار 


مان پاڻ نٿو هي شعر لکان
هڪ ذات حسن جي آهي يار
-------------------------------
اعجاز علي سنڌو

Sunday, July 10, 2011

احساس

احساس جهنجهوڙين هن جا ٿا 
احساس روئاڙين هن جا ٿا
-------------------------------------------------------------------------

جڏهن چنڊ بڻايل گهايل هو
تڏهن ڪارين ڪارين راتين جيان
احساس هئا تنهنجي ذلفن جا
تنهنجي ساهه کڻڻ جي گرمي
هئي ساهه ڀريندي جيون ۾
مدهوش بڻائي رکندي هئي
 

پاڻيءَ جون بوندون ذلفن مان 
هيون مونکي روز سجاڳ ڪنديون
   راتين جو جاڳايل هوندو هئس
     تنهنجي نازڪ نرمل ٻانهن ۾
      دلبر ڪيڏو نه مجبور هئس 
      پر تون ڇا سمجهي آهي ڇا...

هو چهرو تنهنجو صبحِ نور
احساس هئا تنهنجي جيون سان
تنهنجي ڪينجهر جهڙين اکڙين جا
۽ ڪومل ڪومل چپڙن جا
احساس جهنجهوڙين  ٿا...
احساس ئي مارين هُن ٿا...

 
مان سمجهي نه سگهيس ڪير آ هوءَ
شب و روز ستائي راتين جو
هر سانوڻ جي اُن موسم ۾
جڏهن بارش رم جهم پوندي آ
مونکي هُن جي ياد ئي ايندي آ
پر سمجهي سگهيس نه ڪير آ هوءَ

ڇو منهنجو روح بيچين رهي 
هوءَ ڪهڙي آخر هستي آ
موسم ۾ جنهن سان مستي آ
هر رات جاڳائي ٿي مونکي
چنڊ جي چانڊوڪي صورت ۾
نه سامهون منهنجي ايندي آ
مان ان لاءِ ٿو بيچين رهان
صدين جي گذريل لمحن کان


آ هُنَ جي ذات گمنام اعجاز
ٿو ڇالاءِ هر پل اُداس رهين
هوءَ ڪهڙي آخر هستي آ

چئين ٿو ته وجود جي ذرن ۾
هر رستي هُن جي بستي آ
هوءَ ڪهڙي آخر هستي آ... 
احساس جهنجهوڙين هن جا ٿا
احساس روئاڙين هن جا ٿا




مان مرده آهيان اعجاز مگر
هيءَ ان جي سموري مستي آ 
منهنجي دل جي تند تنوارن کي

هوءَ رهندي هر پل ڇهندي آ
تون ڇو ٿو منجهيل اعجاز رهين
هوءَ ناهي سلجهيل راز او يار 



اعجاز تون هاڻي حوش ته ڪر
آهن ڪئين صديون گذري ويون
تو ناهي سڃاتو ڪير آ هوءَ...!
تون به عجيب ئي هستي آن..!
هاڻي تون به حوش ته ڪر... 
آ جيون تنهنجو گذرڻ تي
هوءَ مُور نه توکي ملڻي آ
سنڌوءَ جي تمنا تون نه ڪر
سنڌو آ اجڙيل صدين کان
هوءَ آهي مئن جو ڍڳ بڻيل
گذري ويا هاڻي سال هزار
اعجاز تون هاڻي حوش ته ڪر
تون به عجيب ئي هستي آن...!

هر بهار تنهنجي جيون جي
هاڻي آهي خزان جي چادر ۾
نه ڦٽندا تنهنجي جيون ۾
اهي سهڻن خوابن جا گلڙا
اهي ڏاڍا وڻ اميدن جا
هاڻي پاڙائون آهن پٽجي ويا

اعجاز تون هاڻي حوش ته
تون آهين مرده لاش بڻيل
ڇڏ سنڌوءَ جي پرچار ڪرڻ
هوءَ توکي ڪين ڪي ملڻي آ
بس تون به عجيب ئي هستي آن
 احساس جهنجهوڙين هن جا ٿا
احسان روئاڙين هن جا
-----------------------
اعجاز علي سنڌو